بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي: نيشنل پارٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل  جان محمد بليدي شهر ۾ نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ساٿين سان ڳالهائيندي چيو ته مشرف دور کان بلوچستان جي عوام سان سياسي انتقام جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ بلوچستان جي قومپرست قيادت کي ڀت سان لڳايو ويو ۽ ڪارروايون ڪيون ويون. بلوچ نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي،هن چيو ته بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي ان جو سياسي حل ڳولڻ گهرجي.عوام جي طاقت سان امن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، هن ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو نيشنل پارٽي جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور مهم شروع ڪن ۽ گهر گهر وڃي عوام کي پيغام ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.