اسلام آباد ڌرڻي ۾ ماه رنگ بلوچ ۽ فرح عظيم شاهه ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان فرح عظيم شاهه ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مه رنگ بلوچ وچ ۾  سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ 35 ڏينهن ۾ 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي جي دعويٰ ڪندي چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا مطالبا پوري بلوچستان جا مطالبا آهن، ڳالهين جي نالي تي ڪا به ڪميشن يا ڪميٽي قبول ناهي، اسلام آباد ۾ ماهه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ يڪجهتي ڪميٽي جو ڌرڻوجاري آهي،ان موقعي تي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ فرح عظيم شاهه وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي،، فرح عظيم شاهه جو چوڻ آهي ته معاملي کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جو چوڻ هو ته35 ڏينهن ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا ٿيا آهن. توهان کي ڪهڙي خبر، جنهن تي فرح عظيم شاهه چيو ته مون کي سڀ خبر آهي، جيڪڏهن توهان صحيح نتيجي تي پهچندؤ ته ضد نه ڪريو. جنهن تي ماه رنگ بلوچ چيو ته توهان منهنجي مطالبن کي ضد ڪيئن چئي سگهو ٿا، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا مطالبا سڄي بلوچستان جا مطالبا آهن، هن چيو ته اسان سڀ ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر ڳالهين جي نالي تي فيڪ ڪميشن ڪميٽي قبول ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.