انوارالحق جيترو ڳالهائي،جبري گمشدگين جو جواز نٿو ٻڌائي سگهي:سمي دين بلوچ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ جاري بلوچ خاندانن جي لانگ مارچ جي ڌرڻي ۾ شريڪ ڊاڪٽر سمي دين بلوچ پنهنجي سوشل اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته پاڪستان جو وزيراعظم انوارالحق هتي ڇا چوڻ چاهي ٿو، ڇا ڪو ان جي وضاحت ڪري سگهي ٿو؟ اسان کي ڪو تشريح ڪري ٻڌائي سگهي ٿو؟ جبري گمشدگين جو شڪار جيتر به ماڻهو لاپتا ڪيا ويا آهن انهن جو تعلق سياسي تنظيم سان رهيو آهي يا شاگرد تنظيمن سان يا غريب ماڻهو جن کي بلوچ سمجهي کنڀيو ويو آهي، وزيراعظم جيترو چاهي چرب زباني ڪري،جيترو لاجيڪل بڻجڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن به جبري گمشدگين کي جسٽيفائڊ نٿو ڪري سگهي ۽ هاڻي ته حد اها آهي ته اسان وارثن سان گڏ يڪجهتي ڪندڙن کي به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن اسلام آباد ڌرڻي ۾ هڪ نوجوان جي بلوچي زبان ۾ رڪارڊ ڪيل وڊيو شيئر ڪندي چيو ته هن نوجوان مطابق هن جي خاندان اج 6 ماڻهو جن ۾ مراد بخش، غلام نبي، محمد هاشم، محمد بخش، ثناءُ الله 2016ع کانپوءِ جبري گمشدگي بعد لاپتا آهن، سمي دين سوال اٿاريو ته هاڻي تصور ڪيو ته هڪ خاندان مان جتي 6 ماڻهو لاپتا هجن ان گهر ۾ حالتون ڪهڙيون هونديون؟ ان گهر ۾ ڏينهن رات ڪيئن گذرندا هوندا، هن چيو ته تڏهن به اسان رياستي جبري تي ڳالهه نه ڪريون؟ انهن کي ڪهڙي قانون تحت کنيو ويو آهي، انهن تي ڪهڙا ڪيس آهن، ڇا اسان جي ۽ توهان جي خاموشي بلوچستان ۾ ظلم ڪندڙن کي شه ناهي ڏني؟ ڇا ماڻهن کي جبري گمشده ڪندڙ آئين پاڪستان جا ماتحت آهن؟ سمي دين بلوچ اڄڪلهه اسلام آباد ۾ بلوچ نسل ڪشي خلاف جاري تحريڪ جي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سان گڏ قيادت ڪري رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.