اسلام آباد(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر ڪهده اڪرم دشتي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سينيٽ جي فلور تي اٿارينداسين، جيڪڏهن ڪو ڏوهه ثابت ٿيو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،سمورين سياسي پارٽين کي گهرجي ته اهي بلوچ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڀرپور آواز اٿارين ته جيئن حڪومت مجبور تي انهن لاپتا ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن اسلام آباد پريس ڪلب آڏو گم ٿيل ماڻهن جي ڪيمپ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گم ٿيل ماڻهن جا وارث به ساڻن گڏ هئاسينيٽر ڪهدا اڪرم دشتي وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي دعوت ڏني آهي، هاڻي چيئرمين سينيٽ کي به دعوت ڏني ويندي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڀرپور آواز اٿاري.هن چيو ته بلوچن جو جرڳو سڏائينداسين جنهن ۾ سمورن انٽيليجنس ايجنسين جا آفيسر موجود هوندا،هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان تربت کان ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي قيادت ۾ لاپتا ماڻهن جا وارث لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهتا آهن، اسلام آباد پوليس انهن تي تشدد ڪيو ۽انهن کي گرفتار ڪيو بعد ۾ انهن کي آزاد ڪيو ويو،