وارهه (رپورٽ: منظور قريشي) وارھ ۾ واپاري کان ٽيھ لک رپيا ڦر ، شھرين ٽوڪن ھڙتال ڪري ڌرڻو هنيو، رائيس ملر نواز علي بروهي جي ڀائٽي عبيد بروهي کان سٽي هوٽل ڀرسان نامعلوم هٿياربند ڦورو 30 لک روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف شھري واپاري دڪاندار اتحاد جي سڏ تي دڪان بند ڪري فاضل راھو چوئنڪ تي ڌرڻو ڏئي واقعي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ، اڳواڻن چيو ته وارھ جا واپاري غير محفوظ بڻجي ويا آھن جن کان ھر مهيني ٻئي ٽارگيٽ ڪري ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري طبقي سميت شھرين کي تحفظ ڏئي بد امني کي روڪيو وڃي، ڦر ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ جدوجهد تحريڪ ھلائي ويندي.