شاهه لطيف يونيورسٽي جي وي سي خلاف استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جو مارچ

خيرپور(ڊ ر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو جي ويڊيو وائرل ٿيڻ  کانپوءِ وي سي خلاف  يونيورسٽي جي آفيسرن پروفيسرن ملازمن يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن  خيرپور جي وڪيلن سوسائٽي جي ماڻهن اديبن دانشورن يونيورسٽي جي  شاگردن جي والدين شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مين گيٽ کان پريس ڪلب خيرپور تائين 4ڪلو ميٽر جو هٿن ۾ پئنافيلڪس کڻي پيادل مارچ ڪيو ۽ وي سي خلاف سخت نعريبازي ڪئي  ان موقعي اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي  چيو ته هي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي هتان جي ماڻهن جو مادري علمي ادارو آهي ۽ اسان هن اداري کي  پنهنجي ماءُ جيترو درجو ڏيون ٿا ڇو ته هن علمي اداري مان لکين شاگرد پڙهي نڪتا آهن جيڪي اڄ ملڪن جي اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن اڄ وي سي خليل احمد ابوپوٽو جي وائرل ويڊيو ڏسي انهن جون به اکيون روئي رهيون آهن، نگران حڪومت نوٽيس وٺي، ٻي طرف شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي رجسٽرار مينهون خان لغاري استعيفا ڏئي ڇڏي، هن  درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته ذاتي مجبوري ۽ ناچاقي سبب استعيفيٰ ڏيان ٿو، جڏهن ته ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر مسيع الله جتوئي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر  اسٽوڊنٽس افيئرس گرلز  ڊاڪٽر شاهدان چانڊيو پڻ استعفائون  پڻ ڏئي ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.