پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي ٿاڪن ۽ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا

اسلام آباد(م ڊ)  ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ايٽمي ٿاڪن ۽ قيدين جي فهرست جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي. ڀارت 418 پاڪستاني قيدين ۽ پاڪستان 231 ڀارتي قيدين جا تفصيل ڏنا. ڀارت ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست ۾ 337 عام شهري ۽ 81 مهاڻا شامل آهن. پاڪستان ۾ قيد ڀارتين ۾ 47 عام شهري ۽ 184 مهاڻا شامل آهن. ترجمان موجب هي لسٽن جي مٽا سٽا 1988ع ۽ 1991ع ۾ ڪيل معاهدن جي روشني ۾ ڪئي وئي آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته سزا مڪمل ڪندڙ پاڪستانين کي جلد آزاد ڪيو وڃي.

بندش باوجود چونڊ سروي ڪرائيندڙ ٽي وي چينلن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) بندش باوجود سروري ڪرائڻ تي  اليڪشن ڪميشن ٽي وي چينلن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. پيمرا کي موڪليل خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيئرمين پيمرا کي سروي چينلز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن پيمرا کان ان حوالي سان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پيمرا کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا لاءِ جاري ڪيل ضابطا اخلاق تحت سروي ڪرائڻ تي پابندي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترائي ٽي وي چينلز حلقن جي سروي ڪري رهيا آهن، جيڪي ووٽرن کي متاثر ڪرڻ جي برابر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.