لاهور هاءِ ڪورٽ پاران خرم لطيف کوسي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور( م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار لطيف کوسا جي پٽ خرم لطيف کوسه خلاف داخل ڪيس خارج ڪندي کيس  آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي خرم لطيف کوسا جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته خرم لطيف کوسا کي سندس آفيس ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، ان ڪري عدالت سندس بازيابي ۽ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پوليس کي خرم لطيف کوسا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي پوليس خرم لطيف کوسا کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو. پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ تي داخل ڪيس ۾ خرم لطيف کوسا کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جاچ جاري آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته خرم لطيف کوسا کي هٿڪڙين ۾ ڇو پيش ڪيو ويو، جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.