حالتون مناسب ناهن، چونڊون ڪجهه ڏينهن ملتوي ٿيڻ ۾ ڪو حرج ناهي: فضل الرحمان

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اهڙين  حالتن ۾ اسان نٿا سمهون ته اليڪشن ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اليڪشن ڪجهه ڏينهن ملتوي ٿي وڃي ته ڪا ڳالهه ناهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف جا نامزدگي ڪاغذ ئي رد ناهن ٿيا، اختر مينگل جا به ٿيا آهن. مولانا فضل الرحمان پاڻ مٿان حملي بابت چيو ته مان گهر هيس، واقعي ۾ گاڏين کي گوليون لڳيون آهن، فائرنگ جو واقعو امن امان بابت سوال اٿاري رهيو آهي، اسان نٿا سمجهون ته اهڙين حالتن ۾ اليڪشن ٿي سگهي ٿي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته رڳو پي ٽي آءِ جا ڪاغذ رد نه ڪيا ويا، ليول پلينگ فيلڊ رڳو هڪ پارٽي جي ڳالهه ناهي، 2 صوبن کي برابر جو پرامن ماحول فراهم ڪيو وڃي، پ پ اميدوارن کي به سڪيورٽي جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.