پي ٽي آءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ سان نگران حڪومت جو تعلق ناهي: وفاقي وزير

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جو اليڪشن جي معاملن سان ڪو به تعلق ناهي.هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ يا قبول ڪرڻ آئيني عمل جو حصو آهي. ۽ رڳو اليڪشن ڪميشن ئي اليڪشن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ، ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ، پوليس تي حملا ۽ پٿراءُ ڪرڻ پرامن احتجاج جي دائري کان ٻاهر آهي، جنهن جي  ڪنهن کي به اجازت ناهي.نگران اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ ۽ ان کي مالي ۽ انتظامي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. اسان اليڪشن ڪميشن جون مالي ۽ انتظامي ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، پهريان 10 ارب رپيا اليڪشن ڪميشن کي ڏنا ويا، پوءِ 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.