2023ع معاشي ۽ سياسي بي يقيني سبب انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو

لاهور(م ڊ) سال 2023ع معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام سبب عوام لاءِ انتهائي مايوس ڪندڙ سال رهيو.سال 2023 جو سج مهانگائي، بيروزگاري، غربت، معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام سان غروب ٿي ويو آهي. مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. 2023ع سياسي عدم استحڪام سبب عوام لاءِ انتهائي مايوس ڪندڙ سال رهيو آهي. ڪي سياستدان عدالتن مان بري ٿيا ۽ ڪي جيلن ۾ ويا،سال 2023ع عدالتي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان بحران جو نشانو بڻيو، جڏهن ته سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو.ملڪي حالتن جي ڪري نوجوانن جي نااميدي پڻ وڌي ۽ 2023ع ۾ پاڪستانين جو وڏو انگ پرڏيهه ويو. آڪٽوبر 2023 تائين ڪم لاءِ پرڏيهه وڃڻ وارن پاڪستانين جو انگ 7 لک 23هزار 325 هو. عوام جو چوڻ آهي ته 2024ع ۾ کين اميد آهي ته ادارن جي پاليسين ۽ غلطين سبب سياسي، معاشي، عدالتي ۽ ٻين شعبن ۾ نظر ايندڙ عدم استحڪام نئين سال ۾ نه ورجايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.