سال 2024 جِي نيڪ خواهشن، اميدن، دعائن ۽  شاندار آتشبازي سان آجيان

ڪراچي/ سکر/حيدرآباد ( نمائندن وٽان )  سال 2024 جِي نيڪ خواهشن، اميدن، دعائن ۽  شاندار آتشبازي سان آجيان ڪئي وئي، سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نئين سال جِي آمد تي جشن ملهايو ويو،  ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ۽ نمائش چورنگي تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ٻين شهر ۾ به نوجوان روڊن تي نڪري آيا، زبردست آتشبازي ڪئي وئي. نئين سال روايت موجب سڀ کان پهرين نيوزيلينڊ ۾ اک کولي، نيوزلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ رنگ به رنگي آتشبازي ۽ لائيٽ شو سان نئين سال جي شروعات ڪئي وئي. نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ دنيا جو اهو پهريون وڏو شهر آهي، جتي نئين سال 2024 جي آجيان ۽ ماضي جو قصو بڻجندڙ سال 2023 کي الوداع ڪيو ويو. نئين سال کي مسڪراهٽن ۽ اميدن سان ڀليڪار چوڻ جي لاءِ هزارين شهري آڪلينڊ جي مشهور اسڪائي ٽاور تي جمع ٿيا، جتي سال جي شروعات ٿيندي ئي خوبصورت آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.آسٽريليا ۾ سڊني هاربر تي به نئين سال جو جشن ملهايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.