پي ٽي آءِ سميت اسان جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا: نديم افضل چن

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ نديم افضل چن جو چوڻ آهي ته نه رڳو پي ٽي آءِ وارن جا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن پر اسان جا به رد ڪيا ويا آهن.آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته ماڻهن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي اڳ به چيو هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ختم ڪيو وڃي.نديم افضل چن چيو ته رڳو پي ٽي آءِ وارن جا ڪاغذ رد نه ٿيا، اسان جي ماڻهن جا ڪاغذ به رد ڪيا ويا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن کي ۽ ڇو فائدو ڏنو پيو وڃي؟ عوام اليڪشن چاهي ٿو، سليڪشن نٿا چاهين، سليڪشن ٿيندي ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو تعلق پ پ سان آهي، تحريڪ انصاف سان ڪو به اتحاد ناهي.پروگرام ۾ ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو ته 3 کان 10 جنوري تائين اپيلن تي ٻڌڻي ٿيندي، اميد آهي ته مسئلا حل ٿي ويندا، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته اميدوار عدالت ۾ وڃي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.