اسٽيلشمينٽ ۽عدليه وچ ۾ سرد جنگ؟بنگلاديش ماڊل تي غور؟

لاهور(عوامي آواز نيوز)ناليواري وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ سردجنگ هلي رهي آهي، سهيل وڙائچ جو 30 ڊسمبر تي ڪالم لڳو آهي، هن وٽ معلومات 28 ڊسمبر جي آهي، هن ڪالم چوڌري رياست علي ۽ قاضي عدالت علي وچ ۾ فرضي مڪالمي تي لکيو آهي، چوڌري رياست علي آرمي چيف ۽ قاضي عدالت علي جو مطلب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي، هن مون سان ملندڙ معلومات شيئر ڪئي آهي، ڪالم ۾ چوڌري رياست علي چئي رهيو آهي ته هي عدالتون  ڇا ڪري رهيون آهن، 9 مئي جي ڪردارن کي رليف ڏئي رهيون آهن جن ملڪ جي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو انهن جي حق ۾ فيصلا ڪري رهيون آهن جنهن تي قاضي عدالت علي جواب ڏئي ٿو ته عدالتون سمورا فيصلا آئين اندر رهي ڪري رهيون آهن، آئين اندر جيڪي حق هر شهري کي ڏنا ويا آهن اهي حق پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن، چوڌري رياست علي چوي ٿو ته توهان کي اندازو ناهي ته توهان ڇا ڪري رهيا آهيو، هو واپس اچي ويو ته ان کي پهريون حملو عدالت تي ٻيو فوج تي ڪرڻو آهي، توهان ماڻهن خلاف پهرين به ان ريفرنس بڻايا هئا توهان جي ته برطرفي ٿيڻ واري هئي، اسان توهان کي عزت ڏني پر توهان ان جي حمايت ڪري رهيا آهيو جيڪو توهان کي مڪمل فارغ ڪرڻ چاهي پيو، قاضي عدالت علي جو جواب هو ته اسان آئين جا پابند آهيون، اهو غيرجمهوري غيرانساني رويو هوندو، اسان کي عمران خان سان محبت ناهي، پر اسان جي هڪ ساک آهي ۽ آئين سان اسان جي ڪمٽمينٽ آهي ان ڪري جتي رليف بڻجندو اسان ڏينداسين، چوڌري رياست علي وري چوي ٿو ته عمران خان سان اسان جو اختلاف ان جون پاليسيون آهن جيڪڏهن اهو اچي ويو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو،سڀني سياستدانن کي ٻيهر جيل ۾ وجهي ڇڏيندو، هڪ ڀيرو ٻيهر گوگي ۽ پنڪي جو راڄ هوندو، فوج سان به باقاعده محاذ آرائي هوندي،ان تي قاضي عدالت علي چيو ته عمران خان کي MONSTER اسٽيبلشمينٽ بڻايو،ملڪ جي سياست، عدليه، ميڊيا هر هڪ کي ان جي خاطر چٿيو ويو، هاڻي توهان ان کي عدليه ذريعي ٽوڙڻ چاهيو ٿا ته اهو ممڪن ناهي، اسان کي آئين جي ڪتاب اندر رهڻو آحي، جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو ته اسان جسٽس منير ۽ نسيم حسن شاهه سان گڏ هونداسين، چوڌري رياست علي چيو ته هي ملڪ اهي ته آئين آهي، معيشت آهي ته ملڪ آهي، عمران خان کي رليف ڏيڻ جو مطلب نه ملڪ رهندو نه ئي ان جي معيشت بچندي، هر روز من کي مشورو ڏنو ويندو آهي ته مارشل لا لڳائي ڇڏيو، عدليه ۽ سياستدان سڀ ٺيڪ ٿي ويندا، پر مان چوان ٿو ته اهو ته آپشن ئي ناهي، عدليه کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته اها دٻاءُ کان آزاد آهي، قاضي عدالت علي چوي ٿو ته هي نه بنديال جو دور آهي نه کوسي ۽ ثاقب نثار جو، اسان ته انصاف ۽ آئين جي اصولن تي هلنداسين،توهان اسان کان خراب ۽ ناانصافي جا ڪم نه ڪرايو، ملڪ لاءِ اهو ئي بهتر آهي، چوڌري رياست علي چيو ته توهان اهو به ڏسو ته توهان جي نڪ هيٺيان ڇا ٿي رهيو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيترو جانبداراڻو فيصلو ڏنو آهي، اسان کي فيصلو ڪندڙن جي سياسي وابستگي جو علم آهي،اهي فيصلا ڪري موڪلن تي هليا ويا آهن، ان سان رابطو به ممڪن ناهي، قاضي عدالت علي چيو ته اهو ڪيس اسان وٽ ايندو ته اسان ان جي ميرٽ ڊي ميرٽ ڏسي فيصلو ڪنداسين، ڪيس ايترا ڪمزور آهن ۽ مواد ايترو فضول آهي ته اهي ڪيس اعليٰ عدالتن مان اڏڻ وارا آهن،چوڌري رياست علي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ۾ شفافيت هجي، ماڻهو رياست ۽ عدالت جي عزت ڪن ان جي تذليل نه ڪن، عوام جي فيصلن کي قبول ڪنداسين تڏهن ئي اڳتي وڌنداسين، چوڌري رياست علي چيو ته توهان پنهنجي عظمت لاءِ ملڪ جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهيو، قاضي عدالت علي چيو ته اسان جي خيال ۾ مسئلن جو اصل حل انصاف ۾ آهي، رياست جي حق ۾ ۽ سياست خلاف فيصلن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، چوڌري رياست علي چيو ته اسان جي شرافت اسان جي ڪمزوري بڻجي رهي آهي، اهڙيون حالتون پيدا نه ڪريو ته اسان کي اهو ڪرڻو پوي جيڪو اسان ڪرڻ نٿا چاهيون،هن چيو ته مان اهو نٿو چوان ته آرمي چيف ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، اهي ٻه خيال آهن، فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود خيالن کي هن فرضي ڪالم ۾ رنگ ڏنو آهي، قاضي عدالت علي جو مطلب توهان عدليه ڪڍي سگهو ٿا، هڪ طريقو اهو آهي ته جنرل فيض ماڊل وانگر ڪرنل لياقت جهڙي شخص ذريعي عدليه کي هينڊل ڪيو وڃي ٻيو بنگلاديش جو ماڊل به غور هيٺ آهي،عدليه کي ويهاري ڳالهايو وڃي ته پاڪستان موجوده نظام سان نٿو هلي سگهي، هن وقت صورتحال سٺي ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.