ڊي آءِ خان ۾ فضل الرحمان جي گاڏي تي حملو، مولانا محفوظ رهيو : ترجمان

ڊي آءِ خان ( م ڊ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو ڪيو ويو.  مولانا فضل الرحمان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انٽرچينج تي مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي. اطلاعن موجب مولانا فضل الرحمان حملي ۾ محفوظ رهيو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي ٻن طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي. جي يو آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي پٽ مولانا اسجد جو ڳوٺ عبدالخيل ۾ وليم هو. ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان محفوظ آهي، يارڪ انٽرچينج ٽول پلازه تي فائرنگ ڪئي وئي، جي يو آءِ سربراهه جي گاڏي پيٽرول ڀرائڻ لاءِ بيٺي هئي. آر پي او جو چوڻ آهي ته فائرنگ مولانا فضل الرحمان تي ناهي ڪئي وئي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي قافلي جي ويجهو فائرنگ بزدلاڻو عمل آهي، هو بار بار خبردار ڪري چڪو آهي ته صورتحال اسان جي قيادت لاءِ سازگار ناهي، ان تي ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي. اسلم غوري وڌيڪ چيو ته واقعي جي فوري طور جاچ ڪرائي وڃي، ادارا ذميواريون پوريون نه پيا ڪن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.