پي ٽي آءِ ٻيهر اقتدار لاءِ ڀارت کان مدد پئي وٺي:خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ  لاءِ هر حربا استعمال ڪيا. اقتدار ۾ ڄاڻي واڻي معيشت، سياست، روايتن ۽ اخلاق کي عمدي منصوبي تحت تباهه ڪيو ويو.هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي لکيو ته پي ٽي آءِ سماج جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، اقتدار وڃائڻ کانپوءِ ادارن ۽ آئين تي حملا شروع ٿي ويا. سڄي ملڪ جو بنياد تباهه ڪرڻ جي اها سازش 9 مئي تي سامهون آئي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻ هو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سرحد پار کان اچي رهيا آهن. عمران خان کي پاليندڙن ڪڏهن اهو سوچيو هو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.