نئين سال جو سج امن جو پيغام کڻي اڀري، غزا جا مظلوم دعاگو

غزا ( م ڊ ) سال 2023 ع فلسطينين جي نسل ڪشي جو سال ثابت ٿيو، سال جي آخري ٽن مهينن جا سمورا ڏينهن فلسطينين مٿان اسرائيلي فوج جي بربريت جاري رهي، ماڻهو پنهنجن ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين ٻارڙن کي  کڻي اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، اسرائيلي بربريت سبب 21 هزار 800 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا، غزا جا مظلوم دعا گو آهن ته نئين سال جو سج فلسطين وارن جي لاءِ امن ۽ سڪون  ۽ اسرائيلي ظلم کان ڇوٽڪاري جو پيغام کڻي اڀري. ٻئي پاسي غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ مسجد اقصيٰ جو اڳوڻو امام شيخ يوسف شهيد ٿي ويو. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن مغازي پناهگير ڪئمپ ۾ شيخ يوسف جي گهر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو. اسرائيلي حملي ۾ شيخ يوسف جو خاندان به زخمي ٿي پيو آهي. اسرائيلي فوج پاران غزا جي رهائشي علائقن تي هوائي، زميني ۽ بحري حملن جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 150 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. 7 آڪٽوبر کان جاري حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 21 هزار 800  کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.