جنرل (ر) عارف حسن پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) عارف حسن پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن (پي او اي) جي صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پي او اي جي  ايگزيڪيوٽو ڪميٽي کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جنرل عارف حسن صحت جي خرابي سبب عهدو ڇڏي ڏنو آهي. خط ۾ عارف حسن جو چوڻ آهي ته هو پهرين جنوري 2024 تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، فيصلو آسان نه هو. عارف حسن 19 سال پي او اي جو صدر رهيو، هو پهريون ڀيرو مارچ 2004ع ۾ پي او اي جو صدر چونڊيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.