فضل الرحمان چونڊن کان ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي: فيصل ڪُنڊي

ڊيره اسماعيل خان (م ڊ) پيپلزپارٽي جي سڌ سماءِ واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان چونڊن کان ڀڄڻ  چاهي ٿو، ڊيره اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ نشان جي فيصلي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، نواز ليگ جي خواهشن موجب عدالتون فيصلو ڪرڻ جي پابندي ته ناهن، هن کي ڊيره اسماعيل خان ۾ پنهنجو مستقبل نظر اچي ويو آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مولانا فضل الرحمان جا خدشا پنهنجي جاءِ تي پر شهيد ته اسان جي پارٽي جا به آهن، پيپلزپارٽي شهيدن جي وارث جماعت آهي جي يو آءِ نه، پيپلزپارٽي 9 مئي جي واقعن جي آڙ ۾ سياسي انتقام جي خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.