اين اي 121 تي ٽڪيٽ جي ورڇ تي اياز صادق ۽ روحيل اصغر آمهون سامهون

لاهور (م ڊ) لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 121 ۾ ٽڪيٽ جي ورڇ جي معاملي تي نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق ۽ روحيل اصغر  آمهون سامهون اچي ويا آهن، نجي ٽي وي موجب نواز ليگ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب شيخ روحيل اصغر ليگي قيادت جي سامهون ٽڪيٽ جي معاملي تي ڄمي بيهي رهيو، هن جو چوڻ هو ته اين اي 121 منهنجو اباڻو تڪ آهي، هتان کان ئي چونڊ وڙهندس، آزاد حيثيت ۾ به اليڪشن وڙهڻي پئي ته لازمي وڙهندس، ذريعن موجب سردار اياز صادق پنهنجي پراڻي ۽ نئين تڪ بابت انگ اکر پارلياماني بورڊ جي سامهون پيش ڪيا، ان موقعي تي هن جو چوڻ هو ته پراڻي تڪ جو گهٽ ۾ گهٽ 56 سيڪڙو حصو نين تڪ بندين ۾ اين اي 121 ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مان هر صورت ۾ پارٽي ڊسيپلين جو پابند آهيان، مون کي ٽڪيٽ تي قيادت جو هر فيصلو منظور هوندو، پارٽي ذريعن موجب پارلياماني بورڊ سفارش ڪئي ته اين اي 121 ۾ ٽڪيٽ جو حتمي فيصلو نواز شريف پاڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.