لاهور(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته ادارن ۾ ڪنهن جي به خلاف مهم قبول نه ڪنداسين،اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ ماحول بڻايو پيو وڃي،ن ليگ اڳواڻ چيو ته منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، مخالف اليڪشن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن پر سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، اسان کي رڳو ميدان مليو آهي، ليول ناهي ملي.ادارن ۾ ڪنهن جي به خلاف مهم کي قبول نه ڪنداسين، ڊان ۽ سسلين مافيا جا لفظ اڄ تائين واپس نه ورتا ويا آهن، ادارن کي ٻڌائڻو پوندو ته سوشل ميڊيا مهم جي پويان ڪير آهن.