ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي لياري واري علائقي مان 17 ورهين جي سنڌي ھندو نياڻي پريا ڪماري ٽن ڏينھن کان گم آهي، پريا ڪماري جي گمشدگي واريدرخواست ڪلري ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پريا ڪماري جي ڳولا شروع ڪئي آهي، جلد کيس بازياب ڪرائي واثن حوالي ڪيو ويندو. پريا ڪماري جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته پريا 3 ڏينهن اڳ گهر کان ٻاهر وئي هئي، هن وقت تائين واپس ناهي آئي، ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي پيو. وارثن موجب پريا ڪماري جو موبائل فون به بند آهي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. نياڻي جي وارثن سنڌ جي نگران وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نينگر ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.