ڊاڪٽر فهميدا مرزا پاران ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي ( م ڊ ) جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميدا مرزا پاران نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي  سان ڳالهائيندي فهميدا مرزا چيو ته اسان اڳ ئي اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته سنڌ جي بيوروڪرسي اليڪشن نه پر سليڪشن ڪرائيندي، مان چئلينج ڪيان ٿي ته ثابت ڪيو ته مان ڊفالٽر آهيان. هن چيو ته هڪ لميٽڊ ڪمپني جا ننڍا شيئر هئڻ جي بنياد تي ڪنهن کي باقيدار قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، سياسي مخالف هر ڀيري اهو ئي معاملو کڻي ايندا آهن، اسان اڳ به ٽربيونلز ۽ عدالتن کان رليف ورتو آهي. سنڌ ۾ ڪامورن جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊون شفاف ٿي نه ٿيون سگهن، سنڌ ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي نظر پئي اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.