اسلام آباد (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي درجنين اميدوارن ۽ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي 54 اميدوارن ۽ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ وفاق، چئن صوبائي حڪومتن، 17 ڊي آر اوز، نادرا، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن، اميدوارن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارروائيون بند ڪيون وڃن.