لاهور(م ڊ)پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته ڪنهن هڪ ليگي اڳواڻ جا نامزدگي ڪاغذ رد ناهن ٿيا، پي ٽي آءِ جا 90 سيڪڙو ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نوازشريف جلد چوندو ته مون کي ڇو گهرايو،8 فيبروري تي اهي ڪيتري ڌانڌلي ڪندا؟ اسان جو ڪمزور ۾ ڪمزور اميدوار انهن جون ضمانتون رد ڪرائيندو، شاهه محمود قريشي سان پوليس خراب سلوڪ ڪيو، 2 ڪروڙ ووٽر پي ٽي آءِ سان گڏ آهي