جي يو آءِ ن ليگ کان پاسيري، پ پ سان ويجهڙائي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ ۽ ن ليگ ۾ ويڇا وڌي ويا، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ قربتون وڌڻ لڳيون آهن، نامياري صحافي شاڪر  سولنگي جو چوڻ آهي ته اڳ  ن ليگ ۽ جي يوآءِ ۾ ويجهڙائي نظر اچي رهي هئي ۽ محسوس ٿي رهيو هو ته ٻنهي پارٽين ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي پر تازو مولانا فضل الرحمان جي پٽ جي وليمي ۾ ن ليگ سربراهه نوازشريف يا شهبازشريف سميت ڪنهن به اڳواڻ جو شريڪ نه ٿيڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان سميت شريڪ ٿيڻ ۽ گهڻي دير تائين موجود رهڻ دوران مولانا فضل الرحمٰن سان ڪچهري مان محسوس ٿيو ته شايد ن ليگ ۽ جي يو آءِ ۾ چونڊن جي حوالي سان معاملا طئه نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته دعوت ۾ ن ليگ جي غيرحاضريءَ به مولانا فضل الرحمان سميت جي يو آءِ اڳواڻن کي ڏکارو ڪيو آهي، هوڏانهن صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ جي هڪ اڳواڻ رابطي ڪرڻ تي چيو ته ڪي پي ۾ في الحال ضلعي سطع تي جي يو آءِ پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي ۾ اتحاد ٿي رهيو آهي ۽ گڏيل سرگرميون ٿي رهيون آهن، باقي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو اڃا فيصلو نه ٿيو آهي، مولانا فضل الرحمان هاڻي پٽ جي شادي معاملن مان فارغ ٿيو آهي، ڏسجي ته قيادت ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن اهو به تسليم ڪيو ته ن ليگ وارن وليمي ۾ شرڪت نه ڪري دراصل نظرانداز ڪيو جنهن جو مولانا فضل الرحمان کي ضرور ڏک ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.