نوازشريف کي اسٽيبلشمينٽ تي اعتماد نه رهيو، خدشن جو اظهار

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) نوازشريف وطن ورڻ بعد ٻه طرفي دٻاءَ سبب سخت پريشان هو، نامياري صحافي سيد عمران شفقت موجب پهريون دٻاءُ نوازشريف تي سياسي ميراث جي وراثت جو هو، ڇو ته هڪ طرف مريم نواز هئي جنهن والد جي غيرموجودگيءَ ۾ عملي سياست ذريعي پاڻ کي پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام  ۾ مقبول ڪرايو، ڪارڪنن ۽ عوام مريم نواز جي قيادت قبول ڪئي، ٻئي طرف حمزا شهباز آهي جيڪو سياست ڪرڻ چاهي ٿو پر عملي طور هو پارٽي ڪارڪنن توڙي عوام کي قائل نه ڪري سگهيو، بلڪل ايئن جيئن شهباز شريف جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن، پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ پارٽي سان وفادار آهي پر ڪارڪنن ۽ عوام ۾ پاڻ کي مقبول ڪرائي نه سگهيو آهي، ان ڪري پارٽيءَ اندر ٽڪيٽن جي ورڇ تي خاندان ۾ تڪرار هلندڙ هو، حمزا شهباز کي اعتراض هو ته سندس حامين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، نوازشريف انتهائي ڏاهپ ۽ برد باري سان اهو جهيڙو حل ڪرائڻ ۾ بظاهر ته آخرڪار ڪامياب ٿي ويو آهي، نواز شريف تي ٻيو دٻاءُ اسٽيبلشمينٽ سان طئه ٿيل معاملن تي عمل نه ٿيڻ جو هو، عدالتن مان جهڙي طرح عمران خان يا مجموعي طور پي ٽي آءِ کي رليف ملي رهيو آهي، ان مان نواز شريف کي خدشو آهي ته شايد اسٽيبلشمينٽ ساڻس دوکو ڪري رهي آهي، انهن ٻن معاملن سبب ن ليگ چونڊ مهم شروع نه ڪري سگهي هئي، هاڻي خانداني سياسي تڪرار نبيرڻ ۾نواز شريف ڪامياب ٿيو آهي ۽ شيخوپوره کان چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي، باقي اسٽيبلشمينٽ سان نوازشريف جا معاملا بهتر ٿيڻ ۽ اعتماد بحال ٿيڻ رهيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.