عمران، شاهه محمود، اختر مينگل، شيخ رشيد، ذوالفقار مرزا سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جا فارم رد

ڪراچي/اسلام آباد/ڪوئيٽا/پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جا لاهور ۽ ميانوالي مان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.لاهور جي تڪ اين اي 122 تان عمران خان جي نامزدگي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان نصير اعتراض ڪيو هو.ميان نصير اعتراض ڪيو ته پي ٽي آءِ  باني  جو پروپوزر ۽ حامي اين اي 122 جو ناهي، هو توشه خانه ڪيس ۾ به نااهل آهي ان ڪري اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي.آر او موجب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي سزا ٻڌائي وئي آهي.اين اي 122 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسي ۽ اظهر صادق ايڊووڪيٽ جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف اين اي 89 ميانوالي تان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.پي ٽي آءِ باني جي نامزدگي ڪاغذن تي خرم روکڙي ۽ خليل الرحمان اعتراض اٿاريا.پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا 4 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.شاهه محمود قريشي اين اي 150، 151 ملتان، 214 ٿرپارڪر ۽ 218 پنجاب اسيمبلي جي تڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ريٽرننگ آفيسر اين اي 151 تان زين قريشي ۽ مهر بانو قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.نه رڳو ايترو پر ٿرپارڪر جي تڪ اين اي 214 تان شاهه محمود قريشي ۽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.ٿرپارڪرجي رٽرننگ آفيسر آصف علي خاصخيلي چيو ته سرٽيفڪيٽ نه هجڻ سبب ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويندا.ڪوهاٽ جي تڪ اين اي 35 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ، پي پي 172 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا ،قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ صوبائي وزير شهرام خان جا به نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم خان سواتي ۽ زلفي بخاري جا قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 50 اٽڪ تان زلفي بخاري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.اعظم خان سواتي اين اي 15 مانسهره تان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف خلاف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جا لاهور ۽ سرگوڌا جي سمورن تڪن مان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.مريم نواز لاهور جي ٽن تڪن پي پي 159، پي پي 160 ۽ پي پي 165 تان ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي سرگوڌا جي هڪ تڪ پي پي 80 تان به ڪاغذ جمع ڪرايا.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 تان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور، جڏهن ته ساڳئي تڪ تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.ان کانسواءِ لاهور جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 172 تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 263 ڪوئيٽا تان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قاسم سوري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا،هوڏانهن بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل گروپ جي سربراهه سردار اختر مينگل جا قومي اسيمبلي جي 2 ۽ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 256 خضدار مان اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.آر او جو چوڻ هو ته بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ پي بي 20 خضدار تان به اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.آر او موجب اخترمنگل جا ڪاغذ اقامي سبب رد ڪيا ويا.ٻئي پاسي ڪوئيٽا مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 264 تان سردار اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا.جاچ آفيسر ٻڌايو ته اختر مينگل جا متحده عرب امارات ۾ رهائش سبب نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا،نيب ڪيس سبب اين اي 264 تي آزاد اميدوار خالد لانگو جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا،ساڳئي تڪ تان بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر پرنس آغا عمر جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا، صادق سنجراڻي جا اين اي 260 ۽ پي بي 32 چاغي تان منظور ٿي ويابلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ لاڙڪاڻي جي اين اي 196 تان منظور ڪيا ويا، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي عورت اڳواڻ ۽ آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان منظور ڪيا ويا.ان کانسواءِ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جن جو مقابلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ٿيندو.ٻئي طرف بدين جي قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 223 تان جي ڊي اي اميدوار ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جڏهن ته اين اي 223 تان سندس مڙس ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسام مرزا جا ڪاغذ رد ڪيا ويا، پ پ اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو اعتراضن ۾ چيو هو ته مرزا خاندان بئنڪن جو باقيدار آهي، آر او محمد نواز درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي مرزا خاندان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا، مردان مان علي محمد خان، سوات مان مراد سعيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا،اين اي 44 تي علي امين گنڊا پور جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ڪي پي مان عاطف خان،شهرام ترڪئي، شهريار آفريدي، تيمور جهگڙا سميت پي ٽي آءِ جي 29 اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيا جن ۾ شير افضل، شير علي ارباب ۽ شاندانه گلزار شامل آهن، جڏهن ته اين اي 127لاهور تي بلاول ڀٽو زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، اين اي 222 تي حسنين مرزا جا فارم منظور ٿي ويا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.