خديجا شاهه کي آمريڪي سرڪار آزاد ڪرايو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز ) 9 مئي واقعن ۾ ملوث خديجا شاهه جي آزادي آمريڪي ڪوششن سان عمل ۾ آئي آهي، نامياري صحافي نورالله موجب جڏهن کان خديجا شاهه آزادي ٿي ته بحث هلي رهيو هو ته آخرڪار اها ڪيئن آزاد ٿي، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته 9 مئي واقعا بغاوت جي ڪوشش هئي ان ڪري واقعن ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار سان رعايت نه ٿيندي، خديجا شاهه اڳوڻي آرمي چيف آصف نواز جنجوعا جي پوٽي هئي ۽ وٽس آمريڪي شهريت به هئي، خديجا شاهه جي آزادي کانپوءِ سلمان احمد آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري آفيس وڃي شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته ٽوئيٽ ذريعي پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، جنهن کانپوءِ اهو واضع ٿي ويو ته خديجا شاهه آمريڪي سرڪار جي ڪوششن سان آزاد ٿي آهي، صحافي موجب ٿيڻ ايئن گهرجي ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به آزاد ڪرڻ گهرجي جي ٻي صورت ۾ صرف مخصوص جوابدارن سان رعايت سبب غلط تاثر پيدا ٿيندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.