لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي اسان جون ڳالهيون ۽ پارٽي جو موقف پسند نه آيو: اختر مينگل

ڪوئيٽا ( م  ڊ ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چئني سيٽن تي گڏيل عرب امارتن جو اقامو هجڻ جي بنياد تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. بي بي سي سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته نه رڳو سندس پر پارٽي جي ڪيترن  ئي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا. سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي ٽن ۽ بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اقامي جي بنياد تي نه رڳو سزا ڏني وئي پر نااهل به ڪيو ويو پر سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. هن چيو ته اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪجهه ٻين اميدوارن تي به اقامو هجڻ جي بنياد تي اعتراض داخل ڪيا ويا پر انهن جا نامزدگي ڪاغذ رد نه ڪيا ويا. هن چيو ته ڪوئيٽا مان سندس پارٽي جي ٻن اميدوارن حاجي نصير احمد شاهواڻي ۽ احمد نواز بنگلزئي کان علاوه ٻين علائقن ۾ مضبوط اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته جن علائقي ۾ خلائي مخلوق جي ڀيٽ ۾ اسان جا اميدوار وڌيڪ مضبوط هئا، انهن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. شفيق مينگل خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. هن چيو ته لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي اسان جون ڳالهيون ۽ پارٽي جو موقف پسند نه آيو، ان ڪري منهنجي ۽ پارٽي جي ٻين ڪيترن ئي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.