اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته هن وقت لڳي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن جي رستا روڪ ٿي رهي آهي،پهرين فيز ۾ اميدوار رٽرننگ آفيسر تائين پهچڻ نه ڏنا ويا، ٻئي مرحلي ۾ انهن کي ٻيهر مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو، 2018ع ۾ جيڪو ٿيو ان جو رڪارڊ ٽوڙيو پيو وڃي، 2024۾ اميدوار کٽي به هارائي ويندا ۽ جيڪي هارائي ويندا اهي کٽي ويندا، رڳو پي ٽي آءِ وارن جا ڪاغذ رد ناهن ٿيا، مک هدف پي ٽي آءِ آهي،اختر مينگل جا فارم به رڪيا ويا آهن، هن چيو ته اهي به ٽارگيٽ آهن جيڪي پ پ ۽ ن ليگ جا اتحادي ناهن، اختر مينگل جي اعتماد جي چار ووٽن سان ئي شهبازشريف وزيراعظم ٿيو هو، ن ليگ هن سان ٻيو ڀيو ڀيرو دوکو ڪيو آهي، اختر مينگل سان جيڪي واعدا ڪيا ويا اهي پورا نه ڪيا ويا،هن چيو ته ماڻهن جو اليڪشن عمل ۽ عدليه تان به اعتماد کڄي ويندو، 2024 ع جي عدليه مختلف آهي، پر جيڪو ٿي رهيو آهي اهو صورتحال واضح ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ جي تڪراري ترين اليڪشن ٿئي ٿي ته اهو سپريم ڪورٽ لاءِ ڌچڪو هوندو،ان جي ذميواري سپريم ڪورٽ تي به ايندي،اڳ ئي پاڪستان جي عدليه عالمي ريڪنگ ۾ هيٺين پوزيشن تي آهي، قاضي فائز عيسيٰ جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ ليم ڊڪ بڻجي ٿي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته اها خاموش تماشائي بڻيل آهي،جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي ڪمزور ٿيندي،هن چيو ته جنهن رياست ۾ قانون جي حڪمراني نه هجي ان جو اڳتي وڃڻ مشڪل آهي، عدليه مقتدره جي آمهون سامهون ناهي،بلڪه عدليه اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي، عدليه جو ڪردار هن وقت به 2018ع جهڙو آهي، هاءِڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا ڪجهه جج ڪوشش ڪري رهيا آهن ته قانون سان گڏ هلجي، اسٽيبلشمينٽ جنهن کي ڪڍندي آهي ان کي ٻيهر ناهي آڻيندي، نوازشريف به چوي ٿو ته 2018ع ۾ جيڪو ٿيو ان سان پاڪستان جو نقصان ٿيو، پر هاڻي ته ان کان به وڌيڪ ٿي رهيو آهي،ن ليگ کي به پي ٽي آءِ وانگر ملڪ تي مڙهيو پيو وڃي،هن چيو ته جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جا رڪارڊ ٽوڙيا پيا وڃن، 2024ع ۾ پاڪستان جو ٽيڻ تي نقصان ٿيندو،8 فيبروري کانپوءِ جيڪا حڪومت ايندي اها گهڻو وقت نه هلي سگهندي