9 مئي واقعن جو ڪو به جوابدار سياست جو حصو نه بڻجندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي مڙني اهم اڳواڻن جا نامزدگي فارم رد ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهو فيصلو ڪري  ڇڏيو آهي ته 9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي قومي سياست جو حصو بڻجڻ نه ڏنو ويندو، نامياري تجزئي نگار معظم فخر جو چوڻ آهي ته جن اميدوارن جا فارم رد ٿيا آهن انهن مان اڪثر اڳواڻن جا ته اڳ ئي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيل هئا، جڏهن ته ڪجهه اڳواڻ جيل اندر آهن، هاڻي معاملو ويندو عدالتن ۾، ڏسڻو آهي ته عدالتون اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکن ٿيون يا رد ڪن ٿيون، جيڪڏهن عدالتن ان حوالي سان اڳرائي ڪري قانون ۽ آئين کي پٺي ڏئي ڪنهن کي رليف ڏنو ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ سان عدالتن جو ٽڪراءُ ٿيندو، ڇو ته انتظامي فيصلن پٺيان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي، ٻئي طرف موجوده حالتن جو گهڻو فائدو پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي ٿي رهيو آهي، ن ليگ بظاهر پنجاب تائين محدود نظر اچي رهي آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ جي غيرموجودگيءَ ۾ نوازشريف مخالف ووٽ پيپلزپارٽيءَ ڏانهن وڃي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.