اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ گم ٿيل بلوچن جي وارثن جو احتجاج جاري آهي، گم ٿيلن جا وارث گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن پاران بلوچ مظاهرين کي آزاد ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ مظاهرين جي گرفتاري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلوچ مظاهرين جي گرفتاري وارو ڪيس اڪلائي ڇڏيو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عطا ڪنڊي چيو ته انتظاميا جو شڪر گذار آهيان جو گرفتار مظاهرين کي آزاد ڪرايو، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ واحد اميد عدالتون آهن، جنهن تي جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتون اميد جي چمڪ آهن ڇا؟ مون کي خبر ناهي، جنهن تي وڪيل چيو ته سندن مزاج ۾ فرق قانون تي عمل ڪرڻ سبب آهي، پوليس پاران مظاهرين خلاف غيرقانوني ڪارروائي عدالت کي ڏسڻ گهرجي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته عدالت اهڙي صورتحال نٿي چاهي ته اسان جي ڪري سندن خلاف جارحيت شروع ٿي وڃي، دعا ڪريو اميد ته سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو، وڪيل عطا ڪنڊي چيو ته انتظاميه وضاحت ڪري ته بلوچ عورتن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو، هن وقت سٺي ڳالهه اها آهي ته گرفتار ٿيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو پر اهڙي غير قانوني ڪارروائي نه ڪئي وڃي.