جاچ ٽيم جوڙڻ جي خاطري:ناردرن باءِ پاس وٽ لاش سميت هنيل ڌرڻو ختم

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي ۾ 3 ڏينھن اڳ ناردرن باءِ پاس لڳ ٽينٽ سٽي ۾ ايم ڊي اي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جي عارضي ويٺل برسات متاثرن جي گھرن کي مسمار ڪرڻ ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نينگر يونس چانڊيو جو سياسي سماجي تنظيمن طرفان لاش رکي ناردرن باءِ پاس تي ھنيل ڌرڻو 11 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو، ڪراچي ناردرن باءِ پاس لڳ برسات متاثرن جي عارضي طور تي ويٺل ٽينٽ متاثرن جي گھرن کي 3 ڏينھن اڳ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن طرفان اينٽي انڪروچمينٽ فورس پوليس ساڻ ڪري عارضي طور تي ويٺل متاثرن کي جي گھرن کي مسمار ڪرڻ ۽ پوليس فائرنگ ۾ ٻن نينگرن يونس چانڊيو ۽ سانول جي قتل واري واقعي بعد متاثرن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ناردرن پاس تي پوليس فائرنگ ۾ شھيد ٿيل معصوم نينگر يونس چانڊيو جو لاش رکي رات دير تان ھنيل ڌرڻو 11 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي ويسٽ جي خاطري ھنيل ڌرڻو ختم ڪيو ويو جنھن شھيد نينگر جو لاش ايمبولينس ذريعي قمبر جي ڳوٺ غيبي ديرو ڏانھن اماڻيو ويو ھوڏانھن ھنيل ڌرڻي دوران ايس ايس پي ويسٽ ڌرڻي واري ھنڌ اچڻ جي زحمت بـ نـ ڪئي جنھن گلشن معمار ٿاڻي تي ويھي ڪري ڌرڻي جي ميمبرن طرفان پ پ ضلعي ويسٽ جي جنرل سيڪريٽري علي احمد جان لياقت بليدي سڪندر قريشي فقير محمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم جي ميمبرن ايس ايس پي سان گلشن معمار ٿاڻي تي پھچي ڪري مطالبا پيش ڪندي ايس ايس پي کي ٻڌايو تـ ٻن قتل ٿيل معصوم نينگرن جي قتل ۾ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ايم ڊي اي جي فرياد تي متاثرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مٿان داخل ڪيو ڪيس ختم ڪيو وڃي جنھن تي ايس ايس پي ڌرڻي وارن جي جوڙيل ٽيم جي ميمبرن کي خاطري ڪرائي آھي تـ متاثرن سميت سياسي سماجي ماڻھن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيو ويندو، ٻن نينگرن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ٽيم جوڙي انڪوائري ڪرائي ويندي جنھن ۾ جيڪي پوليس اھلڪار ملوث نڪتا تـ انھن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ،ٽينٽ سٽي سنڀاليندڙ سيد احمد علي شاھ ڪاظمي چيو تـ ايم ڊي اي جي چوڻ تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس ڪاھ ڪري مسڪينن جا بيگناھ مشينري ذريعي گھرن سان گڏ مسجد پڻ شھيد ڪئي وئي جڏھن تـ احتجاج ڪرڻ تـ پوليس اھلڪارن فائرنگ ڪري ٻن معصوم نينگرن يونس چانڊيو ۽ سانول کي گوليون ھڻي شھيد ڪري ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا آھن، ايس ايس پي ويسٽ خرفان جلد معاملي جي انڪوائري ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.