جهوڪ شريف ۾ ظلم جي انتها، ناري پراسرار نموني فوت، والد طرفان اذيتون ڏئي قتل جو الزام

جھوڪ شريف/ ميرپوربٺورو (رپورٽ: محبوب علي جلالاڻي/ امتياز سومرو) صوفي شاهه عنايت شهيد جي ننگري واري شهر جهوڪ شريف  ۾ نوجوان ناري پراسرار نموني فوت ٿي وئي، بنا پوسٽ مارٽم جي ساهرن نياڻي جو لاش دفنائي ڇڏيو، ناري جو والد صوفي غلام شبير ناري کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي روئندو رڙندو جهوڪ شريف ۾ صحافين وٽ پهچي ويو، غلام شبير ٻڌايو ته سندس نياڻي نينا صوفي کي ان جي مڙس صوفي غيور ۽ ان جي ماءُ گڏجي گرم استري سان ڏنڀ ڏيندا ھئا، سندس نياڻي جا وار ۽ ڀرون ڪوڙيا ويا کيس باٿروم ۾ بند رکيو ويو ۽ ان ج کاڌو پيتو پڻ بند ڪيو ويو ھو، نياڻي کي ڪيترائي مھينا اذيتون ڏيڻ کانپوءِ کيس جمع جي رات گھٽا ڏئي ماريو ويو آھي جنھن جي دانھن هن جھوڪ ٿاڻي تي ڏني پر پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۽ ھن چيو ته منھنجي نياڻي تي ظلم ڪيو ويو. آئون جڏھن به ملڻ ويندو ھئس ته مون سان ملڻ نه ڏنو ويندو ھو، محرم مهيني کان وٺي کيس باٿروم ۾ بند ڪري سندس کاڌو پيتو بند ڪري سندس وار ڪوڙيا ويا، کيس سخت اذيتون ڏئي پوءِ گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، ھن چيو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي، ايس ايڇ او جھوڪ شريف رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون ھينئر حيدرآباد آھيان، منھنجي پوليس اھلڪارن سان حادثو پيش آيو آهي،  انھن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي آيو آھيان، هن ٻڌايو ته ايس ايس پي، ڊي ايس پي بٺورو جي سربراھي ۾ انڪواري ٽيم جوڙي آھي، آئون واپس اچي جاچ ڪريان ٿو، باقي ذميوارن کي نه ڇڏبو، قتل جھڙو مسئلو آھي ذميوران کي بخش نه ڪبو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ناري جي مڙس صوفي غيور ٻڌايو ته سندس گهرواري بيمار رهندي هئي هوءِ طبي موت مئي هئي. نينا جو والد اسان جي مٿان الزام هڻي رهيو آهي جنهن ۾ ڪابه صداقت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.