عثمان ڊار جي والده ۽ ڀاڄائي جا نامزدگي ڪاغذ رد،ڀاءُ گرفتار

لاهور(م ڊ)  عثمان ڊار جي والده ۽ ڀاڄائي جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا آهن جڏهن ته سندس ڀاءَ عمر ڊار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب سيالڪوٽ جي اين اي 71 تان  پي ٽي آءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. عمر ڊار جي والده ريحانه امتياز ڊار ۽ گهر واري عروبه ڊار جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. ٻنهي سس ننهن اين اي 71 تان خواجه آصف جي مقابلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.  آر او محمد اقبال سنگهيڙا موجب ٻنهي اميدوارن جي مٿان سوشل سيڪيورٽي جا چار لک 12 هزار روپيه واجب آهن. ٻنهي اميدوارن وٽ گودپور جي علائقي ۾ ڪنال ڪنال جا 2 پلاٽ آهن پر ٻنهي اميدوارن انهن ٻنهي پلاٽن جو ذڪر نه ڪيو آهي.هوڏانهن عثمان ڊار جي ڀاءُ عمر ڊار کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست عثمان ڊار طرفان ابوذر سلمان خان نيازي داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ آءِ  جي پنجاب سي سي پي او لاهور سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمر ڊار گذريل رات نجي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ ويو جتي 40 کان وڌيڪ ماڻهن کيس اغوا ڪري ورتو. جن ۾ پوليس يونيفارم پاتل ماڻهو به شامل هئا. مغوي جي والده سيالڪوٽ تان(ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف جي خلاف چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. مغوي جي خاندان کي لاڳيتو سياسي انتقام جو نشانو بنايو  پيو وڃي. عدالت عمر ڊار کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.