عمران خان جي اثاثن ۾ ساڍا 27 ڪروڙن جي واڌ

اسلام آباد(م ڊ) عمران خان جي اثاثن ۾ گذريل پنج سالن دوران 27 ڪروڙ 72 لک 55 هزار روپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿي ويو.رپورٽ موجب عمران خان طرفان اليڪشن  ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ذريعي اثاثن جا تفصيل سامهون آيا آهن.سال 2018 ۾ عمران خان جي اثاثن جي ماليت 3 ڪروڙ 86 لک 94 هزار رپيا هئي ۽ تازو جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن موجب 2023 ۾ اثاثن جي ماليت 31 ڪروڙ 59 لک 50 هزار روپين کان وڌيڪ آهي.عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ 7 ڪنال 8  مرلن جو گهر ورهاست ۾ ظاهر ڪيو آهي. زمان پارڪ جي گهر جي تعمير تي 4 ڪروڙ 86 لک روپين کان وڌيڪ جو خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. بني گالا ۾ 300 ڪنال ايراضي بطور تحفي ۾ ظاهر ڪئي وئي آهي. بني گالا گهر جي ڊيڪوريٽ ۽ ريگولرائزيشن جي مد ۾ 39 لک روپين کان وڌيڪ جو خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي علائقي مهره نور ۾ 50 لک ماليت کان وڌيڪ جي 6 ڪنال، 16 مرلا ايراضي ظاهر ڪئي وئي. اسلام آباد جي شاپنگ پلازه ۾ 12 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي دوڪان به ظاهر ڪئي وئي آهي.3 ڪروڙ 40 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي ٻن ڪمرن جو فليٽ به اسلام آباد جي پلازا ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. عمران خان بهکر ۾ ورهاست ۾ مليل 188 ڪنال ايراضي به نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪئي آهي.جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن موجب عمران خان ڪنهن هڪ گاڏي جو مالڪ نه آهي. عمران خان وٽ 3 ڪروڙ 15 لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم موجود آهي. اسلام آباد جي مختلف بينڪ اڪائونٽس ۾ 6 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ظاهر ڪئي وئي آهي. 2 لک روپين جون چار ٻڪريون به تفصيلن ۾ ٻڌايون ويون آهن.توشه خانه مان خريد ڪيل قيمتي شين جي قيمت 1 ڪروڙ 18 لک 77 هزار کان وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي. عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي نالي پاڪپتن ۽ ديپال پور ۾ 698 ڪنال ايراضي ظاهر ڪئي وئي آهي. بشريٰ بي بي جي نالي بني گالا ۾ 3 ڪنال جو گهر به عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.عمران خان ايف بي آر وٽ 2021ع ۾ 14 ڪروڙ 10 لک روپين کان وڌيڪ اثاثا ظاهر ڪيا. هڪ سال جي دوران 2022ع ۾ اثاثن جي ماليت وڌي 32 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿي وئي.ايف بي آر سرٽيفڪيٽ موجب عمران خان 2023 ۾ اثاثن جي ماليت 31 ڪروڙ 59 لک روپيه ظاهر ڪئي. عمران خان پنهنجي تعليمي قابليت پوليٽيڪل سائنس ۾ بي اي ظاهر ڪئي آهي. عمران خان موجوده پيشو فلنتهروپسٽ ظاهر ڪيو آهي.

عدالت منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) عدالت منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالتن ۾ منظور پشتين خلاف ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾  وليس منظور پشتين کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ڪرڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران پوليس منظور پشتين جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي جڏهن ته جوابدار جي وڪيل ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ضمانت واري درخواست تي ڌرين کي 2 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته منظور پشتين خلاف اسلام آباد ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان آءِ ايم ايف جو بنيادي شرط پورو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران 4.44 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس جمع ڪري آءِ ايم ايف جو هڪ بنيادي شرط پورو ڪري ڇڏيو آهي.هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران انڪم ٽيڪس 730 ارب روپيه اضافي سان گڏ 2.13 هزار ارب روپيه وصول ڪيا ويا جيڪو هدف کان به 335 ارب روپيه وڌيڪ آهي. سيلز ٽيڪس 20 سيڪڙو اضافي سان گڏ 1.5 هزار ارب روپيه جمع ڪيو ويو جيڪو مقرر هدف کان 220 ارب روپيه گهٽ آهي. جنهن جو بنيادي سبب امپورٽس ۾ گهٽتائي رهي.فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 65 سيڪڙو اضافي سان گڏ 265 ارب رپيا جمع ٿيا جيڪو گذريل مالي سال 105 ارب روپيه هو. ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 540 ارب روپيه جمع ڪيا ويا جيڪي مقرر هدف کان 100 ارب روپيه گهٽ آهن.  ان دوران ايف بي آر کي 3.6 ملين انڪم ٽيڪس ريٽرن وصول ٿيا. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي شرط کي پورو ڪرڻ لاءِ اهو تعداد جون 2024 تائين وڌائي 6.5 ملين ڪرڻي آهي.ايف بي آر جي چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ان حوالي سان چيو ته ايف بي آر ايندڙ مهيني هڪ نئون  سرڪيولر جاري ڪندو جنهن ۾ انهن ماڻهن جا نالا هوندا، ريٽرن جمع نه ڪرائڻ تي انهن جا بجلي، گيس ۽ موبائيل فون جا ڪنيڪشن بند ڪيا ويندا ايف بي آر طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته 28 ڊسمبر تائين ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ياد رهي ته ٽيڪس ايٽر 2022 جي دوران 5.3 ملين ماڻهن پنهنجا ساليانا انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا هئا، جن مان هر چئن مان هڪ فائلر زيرو ٽيڪس جمع ڪرايو هو.

ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تان شهباز شريف جا ڪاغذ درست قرار

ڪراچي (م ڊ )  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان شهباز شريف جا ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن. ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242، ضلعي ڪياماڙيءَ مان شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي وئي آهي،  ريٽرننگ آفيسر شهباز شريف جي ڪاغذن تي فيصلو محفوظ ڪيو آهي. (ن) ليگ اڳواڻ نهال هاشمي جو چوڻ آهي ته رٽرننگ آفيسر شهباز شريف جا ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.