ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪريو: سنڌي شاگرد تحريڪ جي ريلي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪريو، سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ڦوهارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين سوين شاگردن جي پرجوش ريلي، ريلي جي اڳواڻي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، ڪبير ڀيل، نويد عباس ڪلهوڙو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي، اقبال جروار، سينيئر صحافي ذولفقار راڄپر، منظور ميراڻي، ايس ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ نوروز ڪلمتي، علي رضا جلباڻي، مرتضيٰ چانڊيو، اياز صالح پليجو، دلدار نوحاڻي، جميل ملاح، مجاهد بلوچ، ڀورا لال ڀيل، حزب ﷲ کوسو ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح چيو ته ڪراچي يونيورسٽي داخلائن  لاءِ ڪي ايس پي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، جيڪا سنڌ جي اهل شاگردن سان سراسر ناانصافي آهي، ڪي ايس پي پاليسي وسيلي  قابليت ۽ اهليت جي بدران جغرافيائي بنياد جي داخلائون ڏيڻ ميرٽ جو قتلام آهي، ڪي ايس پي پاليسي تحت سنڌين کي پنهنجي ئي شهر مان بي دخل ڪيو پيو وڃي، ڪي ايس پي پاليسي ملڪ جي  آئين جي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي آهي ڇاڪاڻ ته ان آرٽيڪل ۾ ملڪ جي سڀني شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي برابر جا حق ڏنا ويا آهن. بغير ڪنهن جنس، نسل، نسل يا طبقي جي، ڪي ايس پي پاليسي هائير ايجوڪيشن ڪميشن هيڪ جي پاليسي جي به خلاف آهي جنھن وسيلي هيڪ سڀني شهرين کي برابر جي بنياد تي اعليٰ تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ذميوار آهي، ڪبير ڀيل چيو ته اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي شھر ڪراچي ۾ اسان سنڌين جا پڙھائي لاءِ دروازا بند هجن ان کان مٿي ٻي ڪهڙي زيادتي ۽ ظلم هوندو، نويد عباس ڪلهوڙو چيو ته ملڪ جي ٻي ڪنھن به يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي جهڙي پاليسي نه آھي، ڪي ايس پي پاليسي وسيلي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.