چئني آءِ جيز وفاقي حڪومت کان بلٽ پروف گاڏين جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان جي چئني صوبن جي انسپيڪٽر جنرلز (آءِ جي) نگران وفاقي حڪومت کان بلٽ پروف گاڏين جو مطالبو ڪري  ڇڏيو آهي. چئني صوبن جي آءِ جيز وفاق کي خط لکي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب ٿريٽ اسيسمينٽ ڪميٽي آءِ جي اسلام آباد کي گاڏي ڏيڻ جي به سفارش ڪئي آهي. ڌمڪين جو جائزو وٺندڙ ڪميٽي پاران چيو ويو ته آءِ جي اسلام آباد کي سنگين خطرا آهن، وفاقي پوليس وٽ هڪ به بلٽ پروف گاڏي ناهي. ڪميٽي موجب آءِ جي کي پرڏيهين جي نيڪالي تي سڌيون ڌمڪيون پڻ مليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.