اين اي 149 ملتان: عامر ڊوگر ۽ جاويد هاشمي جا نامزدگي ڪاغذ منظور

ملتان (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 149 ملتان تان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. ريٽرننگ آفيسر اين اي 149 تان پي ٽي آءِ جي ملڪ عامر ڊوگر ۽ ن ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن. اين اي 22 ۽ پي ڪي 59 تي پي ٽي آءِ جي عاطف خان جا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن جڏهن ته ساڳئي تڪ تان پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالسلام آفريدي جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا. مردان جي صوبائي تڪ پي ڪي 60 تان پي ٽي آءِ جي افتخار مشواڻي جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.