غزا(م ڊ) غزه تي تقريبن ٽي مهينا گذرڻ باوجود اسرائيل جي بمباري جاري آهي ۽ ان عرصي ۾ اسرائيل غزه تي تقريبن 30 هزار بم ڪيرايا، جنهن جي نتيجي ۾ 70 سيڪڙو علائقو مڪمل طور تباهه ٿي ويو، ووال اسٽريٽ جنرل طرفان شايع رپورٽ موجب ڊسمبر آخر تائين اسرائيل غزه جي پٽي تي 29 هزار بم ڪيرايا نتيجي ۾ غزه ۾ قائم 4 لک 39 هزار گهرن مان 70 سيڪڙو عمارتون ۽ گهر تباهه ٿي ويا، اسرائيلي بمباري سبب صرف فلسطينين جي گهرن کي نقصان ناهي پهتو پر بازنطيني چرچن، تاريخي مسجد، شاپنگ مال، هوٽل سئنيما ٿيٽر ۽ اسڪول به ملبي جو ڍير بڻجي ويا، غزه جي صحت واري وزارت موجب 24 ڪلاڪن دوران بمباري ۾ وڌيڪ 165 فلسطيني شهيد ٿي ويا، 7 آڪٽوبر کان وٺي هن وقت تائين شهيد ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 672 ٿي ويو.