يورپي مبصرن عام چونڊن لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي ٿيندڙ عام  چونڊن جي عالمي شفافيت ڄاڻڻ واري عمل کي ڌچڪو لڳو آهي، يورپين يونين اليڪشن مبصر مشن پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، يورپين يونين جي سفير جو چوڻ آهي ته اٺ فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشڻ تي يورپي مبصر پاڪستان نه ايندا، پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪواينڪا ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام وانگر اسان کي به اليڪشن وقت تي ٿيڻ جي خبر نه هئي، ڊاڪٽر ڪواينڪا چيو ته اليڪشن مبصر مشن موڪلڻ جي لاءِ بجيٽ جي ضرورت هوندي آهي ۽ بجيٽ جي لاءِ ڪيترا مهينا گهربل هوندا آهن، هن چيو ته اسان ماهرن جو هڪ ننڍو گروپ موڪلينداسين جيڪو چونڊڊ ماهرن تي ٻڌل هوندو ۽ مبصر مشن کان مختلف هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.