اسلام آباد ( م ڊ ) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. سينيٽر وليداقبال قرارداد پڙهي ٻڌايو ته سينيٽ کي گذارش آهي ته اهڙو قانون پاس نه ڪيو وڃي جنهن ۾ سرعام ڦاهي ڏني وڃي، ڪميٽي سرعام ڦاهي جي مخالفت ڪري ٿي. ڪميٽي جي ٻن ميمبرن راءِ ڏني ته معاملي جي پهرين تحقيق ٿيڻ گهرجي. انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته وفاقي شرعي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته انسان جي وقار جو ذڪر آئين ۾ آهي، سوره بني اسرائيل ۾ انساني وقار جو ذڪر آهي ته اسان اولاد آدم کي عزت ڏني. سينيٽر همايون مهمند چيو ته ڪٿي آهن انساني حق جنهن کي قتل ڪيو ويو يا ان سان زيادتي ڪئي وئي، جنهن جي زندگي کسي وئي ان جا حق ڪٿي آهن؟ آمريڪا ۾ هر ڏوهه سعودي عرب جي ڀيٽ ۾ 100 ڀيرا وڌيڪ آهي، سعودي عرب ۾ ڏوهن جي شرح ايتري گهٽ ڇو آهي، اسان کي پنهنجا قدر نه ڇڏڻ گهرجن، عام سزا ان ۾ رڪاوٽ آهي. انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته اي پي ايس حملي کان اڳ ملڪ ۾ غير رسمي طور تي موت جي سزا کي معطل ڪيو ويو هو، حملي کانپوءِ موت جي سزا تي عملدرآمد ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.