پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس تي پي ٽي آءِ حامي هجڻ جا الزام

لاهور ( عوامي آواز نيوز  ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ڪامران ميان خيل تي الزام لڳي رهيو آهي ته ان جو سمور خاندان پي ٽي آءِ ۾ آهي ۽ جسٽس ڪامران ميان خيل کي هاءِ ڪورٽ ۾  به پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ايديشنل ايڊووڪيٽ جنر هو، نامياري صحافي امداد سومري موجب  ن ليگ جو اهو به الزام آهي ته جسٽس ڪامران ميان خيل جو سئوٽ شعيب خان ۽ بابر خان پي ٽي آءِ  جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيا آهن، ان ڪري جسٽس ڪامران ميان خيل مسلسل  پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پوري ملڪ تي لاڳو ٿيندو آهي، پر هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پوري ملڪ ۾ لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن به فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس نه وٺڻ واري پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظر ثاني درخواست داخل ڪئي ويندي، ان بعد ضرورت پوڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪئي ويندي ڇاڪاڻ تي هاءِ ڪورٽ اصل ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ۾ مداخلت ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.