بيٽ جو چونڊ نشان: اليڪشن ڪميشن پاران نظرثاني اپيل جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف کي بيٽ جو انتخابي نشان ڏيڻ واري معاملي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾  نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ پارٽي نشان واپس وٺڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.