حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي گھڻ گھرن، 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ھيرو ۽ نامياري وڪيل يوسف لغاري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي تھ سنڌ اڄ ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گذري رھي آھي، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا کسيا پيا وڃن، سنڌ جي ناڻي ۽ پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن، سنڌ دوست ڌرين کي انھن حالتن ۾ متحد ٿيڻو پوندو ۽ کين پنھنجي جدوجھد جو ٻيھر جائزو وٺڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙو پاران يوسف لغاري سان ڪيل ڳالھھ ٻولھھ تي سھيڙيل ڪتاب “ھڪ دور جي جدوجھد ۽ اتساھھ جي علامت يوسف لغاري” ڪتاب جي مھورت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ھيرو ۽ نامياري وڪيل يوسف لغاري خطاب ڪندي چيو تھ منھنجي ڪتاب تي ملندڙ موٽ مونکي وڌيڪ اتساھھ ڏنو آھي، سليمان ابڙي جي ڪوششن سان ھي ڪتاب شايع ٿيو آھي، ھي ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ 3 سال لڳي ويا. ھن چيو تھ منھنجي راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو ھر ڪنھن کي حق حاصل آھي، ذات پرستي قوم کي حصن ۾ ورھائي ڇڏيو آھي، آئون سڄي عمر ڪولھين جي لاءِ وڙھندو رھيو آھيان، اڄ انھن مذھبي طور تي ٿورائي ۾ رھندڙ ماڻھن کي اقليتي سيٽن جي نالي ۾ اسان جا جدا ڪيو ويو آھي، وري ٻين سنڌين کي ذاتين جي بنياد تي ورھايو ويو آھي، سنڌ جي نوجوانن کي عقيدي ۽ ذات پرستي جي سياست کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ ھن ڪتاب ۾ ھڪڙي ڏينھن 4 مارچ تي مواد آھي، ھن ڪتاب ۾ رڳو سچ آھي، جنھن دور ۾ اسان يونيورسٽي ۾ پڙھندا ھئاسين ان دور ۾ وڏيرن جي ڪارن جا چڙڪاٽ ھوندا ھئا پر سنڌ جي ڳالھھ نھ ھوندي ھئي، پوسٽ جي لفافي تي حيدرآباد سنڌ لکڻ ڏوھھ ھوندو ھو، ڪا سنڌي اخبار سياست تي لکڻ جي لاءِ نھ ھوندي ھئي، پر ان دور ۾ ڪا سياسي جماعت بھ نھ ھوندي ھئي جيڪا جدوجھد ڪري سگھي، ڪو سنڌي ڏينھن ملھائڻ جي اجازت نھ ھوندي ھئي، اسڪولن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي ھئي، اھڙي دور ۾ اسان سوچيو تھ ڪجھھ ڪرڻ گھرجي، اڄ وري سنڌ جون حالتون ساڳيو ٿي رھيون آھن، ھن چيو تھ بنگالين چيو ھو تھ اسان توھان کان وڌيڪ آھيون، پيرٽي ختم ڪيو، پر پيرٽي ختم ڪرڻ بجاءِ ھنن بنگالين کي بنگلاديش جي صورت ۾ ڌار ڪري وري نئون آئين ٺاھيو، جنھن ۾ ون يونٽ کان وڌيڪ ون مين ون ووٽ جي بنياد تي نمائندگي پنجاب کي ڏني وئي، 73ع جي آئين جي ڳالھھ تھ ڪئي وڃي ٿي، پر 73ع جي آئين ۾ اسان ون يونٽ کان وڌيڪ غلام ٿي ويا آھيون، ان آئين موجب ٽن صوبن جي آدمشماري گھٽ ڏيکاري پنجاب کي 72 سيڪڙو ڏيکاريو ويو، جيڪڏھن ٻيا 3 صوبا گڏ ٿي وڃن تڏھن بھ مرڪز کي ڪجھھ نٿا ڪري سگھن. ھن چيو تھ منور ھاليپوٽي مون کي چيو تھ سنڌ جي زمين وڃي پئي پٽيشن ڇو نٿو داخل ڪرين، پر اھا پٽيشن ڪھڙن ججن وٽ داخل ڪريان، سپريم ڪورٽ ۾ ھڪ بھ سنڌي جج ناھي، مون ھاءِ ڪورٽ بار جي قرارداد ۾ اھو مطالبو ڪيو ھو تھ پاڪستان ۾ فيڊرل ڪورٽ ھجڻ گھرجي، جنھن ۾ سمورن صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي ھجي، ان قرارداد کانپوءِ ھتي منھنجي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي تھ ھي ڪھڙي ڳالھھ ڪري رھيو آھين، ھي مطالبو عدليا جي آزادي جي خلاف آھي، مون کين چيو تھ جيڪڏھن ارسا سنڌ جو پاڻي کائي رھي ھجي ۽ آئون سپريم ڪورٽ ۾ وڃان تھ اتي تھ ھڪ بھ سنڌي جج ناھي، اتي منھنجي ڳالھھ ڪير ٻڌندو، انصاف وٺڻ جي لاءِ قانون جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي ۽ قانون تڏھن ھوندو جڏھن سياست ھوندي، ڇو تھ رياست کي سياست ھلائيندي آھي، عقيدا رياست کي نٿا ھلائي سگھن، مون کي ان قرارداد تي سپريم ڪورٽ جي جج گھرائي چيو تھ ھي ڪھڙي قرارداد پاس ڪئي اٿئي ھي تھ ڏوھھ آھي، مون کيس چيو تھ ھي مطالبو اوھان جي فائدي ۾ رکيو آھي تھ جيئن عدليا جي عزت ٿئي، ھڪ بھ سنڌي جج نھ ھو تھ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاھي اچي وئي، عمران خان جي ڳالھھ اچي ٿي تھ ماڻھو چون ٿا تھ سڀ عمران خان جا حمايتي جج آھن، صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي ھوندي تھ انصاف ملندو. ھن چيو تھ پارليامينٽ ۽ عدليا ئي انصاف ڏياري سگھن ٿيون، پر عدليا ۽ پارليامينٽ جي حالتن جي سڀني کي خبر آھي. نامياري ليکڪ، شاعر ۽ صحافي يوسف شاھين چيو تھ يوسف لغاري سنڌ جو مزاحمتي ڪردار آھي، سنڌ سدائين مزاحمتي ڪردار پيدا ڪيا آھن ۽ سنڌين ڪڏھن بھ ھٿيار ڦٽا نھ ڪيا آھن، سنڌ دنيا ۾ مزاحمت ڪندي تصوف جا بنياد وڌا. سڄي سنڌي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري شاھھ لطيف جي آھي. ھن چيو تھ سورھيھ بادشاھھ صبغت اللله شاھھ راشدي انگريزن خلاف مزاحمت ڪئي، اھو سلسلو ھلندو رھيو آھي، سنڌ ڪي شينھن پيدا ڪيا ۽ مارجندا بھ ويا، پر اڄ ڪي گدڙ شينھن جي کل پائي ويٺا آھن. ھن يوسف لغاري کي صلاح ڏني تھ توھان سنڌ عوامي پارٽي جي نالي سان سياسي جماعت ٺاھيو ۽ سنڌ کي ليڊ ڪيو، يوسف لغاري سنڌ جي ماڻھن جي وڪالت ڪئي آھي، ھن وقت سنڌين کي ليڊرشپ جي سخت ضرورت آھي، ليڊرشپ جو وڏو ڏڪار آھي، سڄي سنڌ يوسف لغاري سان گڏ ھلندي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سربراھھ منور ھاليپوٽو چيو تھ يوسف لغاري مان سنڌ جي خوشبو ايندي آھي، ھو سنڌ جي سڃاڻپ آھي. ھن چيو تھ 4 مارچ واري واقعي جي اھميت تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي، ھي اھو دور ھو جنھن ۾ سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ڳالھائڻ ڏوھھ ھوندو ھو، ان دور ۾ ايوب جي آمريت کي چئلينج ڪري سنڌيت جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ يوسف لغاري ھو، ھن چيو تھ سنڌ 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين قبضي ھيٺ آڻڻ جي خلاف اسان عدالت ۾ ھڪ پٽيشن ڇو نٿا داخل ڪريون؟. نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو تھ يوسف لغاري پنھنجي وجود ۽ شخصيت ۾ شاندار انسان آھي، يوسف لغاري سان 93ع کان تعلق رھيو آھي، ھو پنھنجي وجود ۾ زندھ دل انسان آھي، نوتن لال جو ڪيس ڪو کڻڻ جي لاءِ تيار نھ پئي ٿيو تھ يوسف لغاري تيار ٿي ويو. ھن چيو تھ 4 مارچ جا ٻيا ڪيترائي ھيرو آھن، پر چوٿين مارچ جو ٻيو ڪھڙو ھيرو آھي جيڪو پنھنجي سماج سان گڏ بيٺو آھي، فقط يوسف لغاري آھي جيڪو پنھنجي سماج سان گڏ بيٺل نظر آيو آھيزرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو تھ يوسف لغاري جي سياسي جدوجھد کانسواءِ سماجي جدوجھد بھ آھي. ھن چيو تھ نوجوانن ۾ اميد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي، نوجوانن کي موقعا ڏيون. سافڪو جي چيئرمين سليمان جي ابڙو چيو تھ يوسف لغاري مني صديءَ جي جدوجھد جو داستان آھي ۽ يوسف لغاري جي ھن داستان کي سھيڙڻ ۾ اسان کي 3 سال لڳا آھن، ھن چيو تھ ايندڙ نسلن جي لاءِ اڳواڻن جي جدوجھد جي نقشن کان واقف ڪريون، اڄ جي سنڌ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڪونڌر ڪسجي ويا، ڪيترن ماڻھن جيلن جون سختيون سٺيون آھن. ھن چيو تھ يوسف لغاري جھڙن ڪردارن سنڌ جي خوشحالي پنھنجي زندگي ارپي آھي، يوسف لغاري سان ڪچھرين ۾ اھو اندازو ٿيو تھ رڳو ھڪ ڪتاب نھ پر يوسف لغاري تي ڪتابن جي ھڪ سيريز اچڻ گھرجي. ھن چيو تھ پاڻ کي ري وزٽ ڪيون تھ اسان جي جدوجھد ۾ ڪٿي جھول آھيون، جنھن جي ڪري اسان پنھنجن اصل مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ويا آھيون. ڊاڪٽر عرفانھ ملاح چيو تھ ھر مڪتبھ فڪر جا ماڻھو يوسف لغاري جي عزت ۽ احترام ڪن ٿا، يوسف لغاري جي لاءِ وڪالت پروفيشن نھ پر مشن آھي، يوسف لغاري پنھنجن غريب ۽ مسڪين ماڻھن سان گڏ ھليو آھي، غلام نبي مورائي چيو تھ سنڌي ماڻھو بدتر حالتن کي منھن ڏئي رھيو آھي، يوسف لغاري سان جڏھن بھ ملبو آھي تھ اتساھھ ڏيندو آھي ۽ چوندو آھي تھ ڊگھي ڪاري رات ھڪ ڏينھن ضرور ختم ٿيندي. جي يو آئي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناھيو چيو تھ يوسف لغاري ڪڏھن ضمير جو سودو نھ ڪيو آھي، اڄڪلھھ انسانن جون منڊيون لڳيون پيون آھن، ھن ظالمن ۽ جابرن سان اک ۾ اک ملائي ڳالھايو آھي، اھا انسان جي وڏي خوبي ھوندي آھي، ھر مجبور انسان جي خدمت ڪرڻ يوسف لغاري جي سڃاڻپ آھي. ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري چيو ته يوسف لغاري سان 40 سالن جو تعلق رهيو آهي، يوسف لغاري جي سوچ روايتي ناهي، 4 مارچ جو سنڌ جي سياست ۾ هڪ فائونڊيشن جو ڪردار ادا ڪيو ۽ 4 مارچ جو هيرو يوسف لغاري آهي، يوسف لغاري ڪنهن کي به جواب نه ڏيندو آهي، هو ڪريل ماڻهن جي ٻانهه ۾ هٿ وجهندو آهي. ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته يوسف لغاري اڄ تائين پنهنجن خيالن ۽ نظريي تي اٽل بيٺو رهيو آهي، يوسف لغاري پنهنجي ڪردار ۾ وڏو ماڻهو آهي، هن وٽ ڪا وڏائي ۽ تڪبر ناهي، سنڌ تباهه لڳي پئي آهي، اڄ به يوسف لغاري کي سنڌ جي تباهي ۽ بربادي خلاف اڳتي اچڻو پوندو. نور احمد جنجهي چيو ته يوسف لغاري تي لکيل هي ڪتاب رڳو هڪ فرد تي لکيل ڪتاب ناهي، پر سماجي تحرڪ جي تاريخ آهي، هن ڪتاب کي پڙهڻ سان خبر پوندي ته يوسف لغاري پنهنجن انٽرويوز ۾ هڪ دور چٽيو آهي،آبادگار اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي چيو ته يوسف لغاري سان گهڻيون ڪچهريون رهيون آهن، اسان کيس چوندا هئاسين ته توهان ڪچهرين ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ٿا انهن کي ڪتابي شڪل ڏيو ۽ اڄ ڪتاب به اچي ويو آهي، لمس جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام چيو ته يوسف لغاري هڪ وڪيل آهي ته قانون جي شعبي ۾ پنهنجا شاگرد پيدا ڪيا هوندا، پر مونکي لڳي ٿو ته هر شعبي ۾ يوسف لغاري جا شاگرد هئا، هر ماڻهو يوسف لغاري سان هجتون ڪندو آهي، شاگردي واري دور ۾ يوسف لغاري اسان جي پرگهور لهندو هو. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو تھ يوسف سان سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ ۾ ويجھڙائپ ٿي، ابرار قاضي اعجاز قريشي بھ گڏ ھئا. ھن چيو تھ يوسف لغاري 4 مارچ کانپوءِ سياست ۾ ھليو وڃي ھا تھ ٻئي پاسي نھ وڃي ھا تھ سنڌ جي قومي سياست جا منظر ٻيا ھجن. پروفيسر امداد چانڊيو چيو تھ يوسف لغاري مستقل مزاج سياسي اڳواڻ آھي، آمريتن جي عتاب ھيٺ رھيو، انساني حقن جا ڪيس وڙھندو پيو اچي، يوسف لغاري ڪالھ ۽ اڄ جو ھيرو آھي. ان موقعي تي آڪاش انصاري، ڊاڪٽر ھادي بخش جتوئي، لالا خان لغاري، انجنيئر طارق باجاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڪيترن ئي ماڻھن يوسف لغاري کي اجرڪن ۽ گلدستن جا تحفا پيش ڪيا، انو سولنگي شاھھ جي وائي پيش ڪئي.