ٿري ايم پي او تحت ڊي سي جي گرفتاري جا اختيار غيرقانوني قرار

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ايم پي او تحت ڊپٽي ڪمشنر جي گرفتاري جا اختيار غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ۽ شاندانا گلزار جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ايم پي او آرڊر خلاف شهريار آفريدي ۽ شاندانا گلزار جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي 3 ايم پي اوز جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، 3 ايم پي اوز جو اختيار رڳو وفاقي ڪابينا وٽ هجڻ گهرجي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي ۽ شنداز گلزار جي درخواست اڪلائيندي 3 ايم پي او ايڪٽ 1980 جي سيڪشن 18 کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.