سينيٽ اجلاس ۾ بلوچ عورتن جي ڌرڻي تي بحث جي اجازت نه ملي،مخالف ڌر جو ڌرڻو

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته اسان سينيٽ اجلاس ۾ بلوچ عورتن جي ڌرڻي تي بحث ڪرڻ چاهيو پئي پر اسان کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو.ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪورم جي نشاندهي سينيٽر ڪامل علي آغا ڪئي.سينيٽ جو اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد مخالف ڌر جي سينيٽرن ايوان ۾ ڌرڻو هنيو.جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد اپيل ڪئي ته بلوچ لانگ مارچ ۽ عدالت کان  مٿاهن قتلن تي پارليامينٽ جو اجلاس گهرايو وڃي، سپريم ڪورٽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مطالبن جو نوٽيس وٺي.سندس چوڻ هو ته اڄ بلوچستان لانگ مارچ تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سينيٽ ۾  بلوچن جي مسئلن تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.سينيٽر مشتاق احمد وڌيڪ چيو ته اڄ ڪورم جو اشارو ڄاڻي واڻي ڪڍيو ويو، پارليامينٽ کي مظلوم بلوچ لانگ مارچ جو موضوع اٿارڻ جي اجازت ناهي.هن چيو ته دين محمد بلوچ ۽ ٻيا بلوچ گم آهن، جڏهن به سينيٽ جو اجلاس سڏايو ويندو، بلوچن جي مسئلن تي بحث ڪنداسين.

  • اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين جي بک هڙتال جاري

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ گم ٿيل بلوچن جي آزادي ۽ عدالت کان مٿاهن قتلن خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاجي ڪئمپ  جاري آهي، ماه رنگ بلوچ چيو آهي ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ هن وقت جبري گمشدگين جو شڪار ٿيل 70 کان وڌيڪ خاندان موجود آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته بلوچستان مان به وڌيڪ خاندان هن ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ رابطو ڪري رهيا آهن. هي انهن لاءِ پيغام آهي جيڪي چوندا هئا ”گم ٿيل ماڻهن جو تعداد ٿورڙو آهي“.جيڪڏهن توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته بلوچستان کان سوين ڪلوميٽر پري اسلام آباد ۾ ايترا خاندان گڏ ٿي رهيا آهن ته پوءِ بلوچستان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جبري گمشدگين جو انگ اسان جي اميدن کان تمام گهڻو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.