ڀارت پاران حافظ سعيد جي حوالگي جو مطالبو

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس پابندي مڙهيل تنظيم  جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جي حوالگي بابت ڀارتي مطالبي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي ڀارت طرفان حافظ سعيد جي حوالگي جي درخواست ملي وئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارت اها درخواست نام نهاد مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڏني آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته جوابدارن جي ٻه طرفي حوالگي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪو به معاهدو ناهي.ان کان اڳ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته سندس ملڪ پاڪستان کي باضابطه طور تي درخواست ڪئي آهي ته حافظ سعيد کي 2008ع جي ممبئي حملن ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ جاچ لاءِ ڀارت حوالي ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.