گلبرگ ڪيفي پيالا وٽ ڪار گجر نالي ۾ ڪري پئي، ڇوڪرو زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) گلبرگ ڪيفي پيالا وٽ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري گجر نالي ۾ ڪري پئي، تيموريا جي علائقي گلبرگ ڪيفي پيالا جي سامهون تيز رفتار ڪار ڊرائيور کان ڪنٽرول وڃائي گجر نالي ۾ ڪري پئي، ڪار ڪرندي  ئي ڪيفي پيالا تي ويٺل ماڻهون ۽ علائقي واسي پهچي ويا ۽ پنهنجي مدد سان ڪار ڊرائيور کي فوري طور ڪار مان ٻاهر ڪڍيو ، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪار کي نوجوان ڇوڪرو هلائي رهيو هو، جنهن کي معمولي ڌڪ به لڳا آهن ، واقعي جو اطلاع  15 مددگار کي ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪرين طلب ڪري ڪار کي گجر نالي مان ڪڍيو ،ان موقعي تي موجود شهرين جو چوڻ هو ته گجر نالي تي ڪا به حفاظتي ديوار ناهي جنهن سبب ڏينهون ڏينهن حادثا پيش اچي رهيا آهن.

  • دير بالا ۾ ڊاٽسن کاهيءَ ۾ ڪري پئي، 5 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ديربالا (م ڊ) ديربالا ۾ ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا، واقعو ديربالا جي علائقي اسلام ڪوٽ ۾ پيش آيو جتي ڊرائيور برهان الدين کان گاڏي ڪنٽرول مان نڪري وڃي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، گاڏيءَ ۾ موجود پنج ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ چار سخت زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ بيبي زال ولي خان، احسان الله پٽ انور علي، جبران الله پٽ اسلام ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ رحيم شاد، جليل ولي خان ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، فوتي جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دير منتقل ڪيو ويو آهي.

  • انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري شادي ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) انساني حقن واري اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ، انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري شادي ڪري ڇڏي آهي. ايمان مزاري نڪاح جو اعلان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي شادي جي قريب جي تصوير شيئر ڪندي ڪيو. انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ايمان مزاري پنهنجي پيشي سان لاڳاپيل وڪيل عبدالهادي کي پنهنجي ساٿي جي طور تي چونڊيو، سندس مڙس به پنهنجي زال جي پوسٽ سوشل ميڊيا تي ٻيهر شيئر ڪئي. ايمان مزاري جي مڙس ۽ انساني حقن جي سرگرم وڪيل عبدالهادي ايڪس تي پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته مون پنهنجي زندگي جي محبت سان شادي ڪئي آهي. هنن پنهنجي رشتي کي اٽوٽ ۽ زندگيءَ جي صحبت قرار ڏنو ۽ ان سان گڏ دل جو ايموجي به لڳايو.

  • فواد چوڌري جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي درخواست جو نوٽيس ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جي درخواست تي ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊي پي او جهلم کي خط موڪلي ڇڏيو  آهي. اليڪشن ڪميشن ڊي آر او ۽ ڊي پي او کي خط لکي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته درخواستگذار جي شڪايت تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ اميدوارن ۽ حمايتين کي هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪئي آهي.

  • اليڪشن ڪميشن ادارن جي فيصلن سبب معذور بڻجي چڪي آهي: طلال چوڌري

جڙانوالا (م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ادارن جي فيصلن جي ڪري معذور بڻجي چڪي آهي. جڙانوالا ۾ رٽرننگ آفيسر (آر او) جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته مفلوج اليڪشن ڪميشن صاف اليڪشن ڪيئن ڪرائي سگهي ٿي. هن چيو ته عدالتن کي اليڪشن ڪميشن جي پويان بيهڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت نه ٿيڻ گهرجي. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ وڏيون پارٽيون مسلم ليگ ن سان رابطو ڪري رهيون آهن، سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ استحڪام پاڪستان پارٽي سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن.

  • چونڊن ۾ آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد ٺهيو ته هر چئلينج قبول ڪبو: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد ٺهيو ته پيپلز پارٽي هر چئلينج کي قبول ڪندي ۽ چونڊن کان پوئتي نه هٽندي. خانگي  ٽي وي ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ شيرين رحمان چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن کان پوئتي نه هٽندي، اهو ئي سبب آهي جو غريب ۽ مظلوم هميشه پيپلز پارٽي ڏانهن ڏسندا آهن، ڇاڪاڻ ته عوام کي بنيادي حقن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد ٺهيو ته هر چئلينج کي قبول ڪنداسين. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسان سان زيادتي ڪئي وئي، مڪافات عمل به ٿيندو آهي، پر اها اسان جي خواهش ناهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هر ڪنهن لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ هجي، تڪرار آهي پر اسان اهو نٿا چاهيون ڇو ته ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ نفرت جي باهه کي وسائڻو پوندو.

  • نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيلون 16 جنوري تائين داخل ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيلون 16 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون. اليڪشن ڪميشن جي بيان ۾  چيو ويو آهي ته ٽربيونل عورتن ۽ اقليتي سيٽن تي 19 جنوري تائين فيصلو ٻڌائيندو، مخصوص سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ 22 جنوري آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي لسٽ 23 جنوري تي پڌري ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.